جعفر ميمڻ

جعفر ميمڻ

جعفر ميمڻ

جعفر ميمڻ: صحافي ۽ ليکڪ جعفر ميمڻ ولد سائينداد ميمڻ، 3 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ڪاليج تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو ۽ گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيس. ٻارن جي رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر لکڻ شروع ڪيائين. بعد ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني ’اڳواڻ‘ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري صحافت ۾ پير پاتائين. بعد ۾ روزاني ’عوام آزاد‘ جو ڇهه مهينا ايڊيٽر رهيو. روزاني ’سنڌ سجاڳ‘ ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ٽي سال ڪم ڪيائين، انهيءَ دوران روزاني ’سرواڻ‘ ۾ به ڪم ڪيائين. بعد ۾ ڪاوش گروپ طرفان ماهوار ڊائجسٽ ’سنڌ رنگ‘ ۽ ’هالار‘ جي ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، ٻنهي ڊائجسٽن جو 1992ع تائين ايڊيٽر رهيو، هن جا هيٺيان ڪتاب: (1) ’نوجوانن جو گيت‘ (ترجمو)، (2) ’حويلين جون ڪهاڻيون‘ (ترتيب) ۽ ’پوليس نمبر‘ (ترتيب) ڪاوش گروپ طرفان ڇپيل آهن. جعفر ميمڻ روزاني ’خادم وطن‘ ، ’تعمير سنڌ‘ جو نيوز ايڊيٽر رهيو، 2004ع کان روزاني ’سنڌ‘ جو ايڊيٽر هو. جعفر ميمڻ 08 مارچ 2020ع تي وفات ڪئي.


لفظ جعفر ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.09.03  عيسوي

جعفر ميمڻ ولد سائينداد ميمڻ ، 3 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .


2020.03.08  عيسوي

جعفر ميمڻ 08 مارچ 2020ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ نظر محمد بسمل
سيد غلام رسول شاهه
خانزادو سميع الوري
در محمد ڪمال
جميل احمد ميمڻ
ضمير نيازي
علي رضا سهتو
رياض حسين ميمڻ
حسام سومرو
آچر خاصخيلي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون